بيجنگ-05 مارچ (اي پي پي)شنگهائي ۾ مقرر پا??ستان جي قونصل جنرل حسين حيدر چين جي جدت پسند سفر جي واکاڻ ڪندي ان کي پا??ستان لاءِ متاثر ڪن قرار ڏيندي چيو آهي ته پا??ستان به ان قسم جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران اقتصادي،فني ۽ سماجي ترقي ۾ چين جي ڪاميابين جي واکاڻ ڪندي چيو ته چين جي معيشت جي عالمي سطح تي ترقي ذڪر جوڳي آهي. هن چيو ته چين جي جاري 2 اجلاسن يعني نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) ۽ چيني عوام سياسي مشاورتي ڪانفرنس (سي پي پي سي سي) وڏي اهميت واري آهي. جيڪي چين جي جمهوري نظام ۽ ان جي عوام جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي عزم کي ظاهر ??ري ٿو. هن چيو ته گذريل 4 سالن کان شنگهائي ۾ قونصل جنرل طور 02 سيشنز جي ڪاررواين کي ويجهڙائي کان ڏٺو آهي. آءِ ايم ايف طرفان هلندڙ سال جنوريءَ ۾ جاري ڪيل ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ ۾ عالمي اقتصا??ي ترقيءَ جي شرح 3.1 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اميد آهي ته چين 2024ع ۾ عالمي شرح کان اڳيان وڌي ويندو ۽ عالمي اقتصا??ي ترقيءَ ۾ هڪ وڏو حصيدار رهندو. هن چيو ته سال 24ع لاءِ چين جو جي ڊي پي هدف ان جي معاشي مستقبل تي ان جي اعتماد ۽ اعليٰ معيار جي ترقيءَ لاءِ سندس عزم کي ظاهر ??ري ٿو. سڄي دنيا تسليم ڪري ٿي ته گذريل 45 سالن ۾ چين جي اقتصا??ي ترقي غير معمولي رهي آهي. پا??ستاني قونصل جنرل ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پا??ستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو (بي آر آءِ) جي گڏيل تعمير ۾ چين جي اهم شراڪتدار طور ان سهڪار مان فائدو کنيو آهي. سي پيڪ هڪ اهم منصوبو آهي جنهن پا??ستان جي بنيادي ڍانچي جي منظرنامي کي نمايان طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. بنيادي ڍانچي کان علاوه ٻين ملڪن سان چين جو سهڪار مختلف شعبن بشمول واپار، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافتي مٽاسٽا تائين وسيع آهي. پا??ستاني قونصل جنرل اميد ظاهر ??ئي ته چين اقتصا??ي ترقي ۽ سماجي ترقيءَ جي پنهنجي يقيني منصوبن سان اڳيان وڌي رهيو آهي. پا??- چين دوستي ۽ سهڪار وڌيڪ مضبوط ٿيڻ سان گڏوگڏ مستقبل ٻنهي ملڪن لاءِ اميد ڏياريندڙ نظر اچي رهيو آهي.
چين جو جدت پسندي جو سفر پاڪستان لاءِ متاثر ڪن آهي: پاڪستاني قونصل جنرل
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل