اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي بابت وفاقي وزير سيد محسن نقوي چيو آهي ته الله پاڪ جيڪا ذميواري ڏني آهي ان کي بهتر طر??قي سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، وڪيل برا??ري لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري پئي سگهياسين ڪيو، وڪيل برا??ري منهنجي دل جي ويجهو آهي. هڪ مقامي هوٽل ۾ وڪيل اڳواڻن طر??ان ڏنل سندس اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ خيالن جو اظهار ڪند?? ڪيو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ بار جو اڳوڻو صدر احسن ڀون، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پاڪستان ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي عهديدار??، پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ مختلف بار ايسو سي ايشنز جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي. هن چيو ته مان ٽيم ورڪ تي يقين رکان ٿو ۽ ٽيم ورڪ سان بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان موقعي تي وڪيل برا??ري وفاقي وزارت جو منصب سنڀالڻ تي محسن نقوي کي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وڪيل برا??ري جي ڀلائي لاءِ رڪارڊ ڪم ڪرڻ تي محسن نقوي جا ٿورا پڻ مڃيا.
الله پاڪ جيڪا ذميواري ڏني آهي ان کي بهتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس: وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ