نيويارڪ -25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪس??ان هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي گروپ آف فرينڊز جي پينل ۾ 2023ع تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل قومن جو گروپ اجلاس نيويارڪ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ا??ڇ او) جي هد?? مطابق 2030 تائين جگر جي مرض هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي هٿي وٺائڻ تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ پاڪس??ان جي نمائندگي آمريڪا ۾ پاڪس??ان جي سفير مسعود خان ڪئي. اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي صحت وارن وزيرن، نمائندن، ڊبليو ا??ڇ او جي عهديدارن ۽ گڏيل قومن جي سفيرن شرڪت ڪئي. مسعود خان چيو ته پاڪس??ان هيپاٽائيٽس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ 2030 تائين ان جي خاتمي جي ڊبليو ا??ڇ او جا هد?? حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان جي ترجيحن ۾ نيشنل اسٽريتجڪ فريم ورڪ کي اپ ڊيٽ ڪرڻ، نگراني کي بهتر بڻائڻ، هيپاٽائيٽس بي جي خوراڪ جي ويڪسينيشن کي وڌائڻ، هيپاٽائيٽس سي وائرس (ايڇ سي وي) جي جاچ ۽ علاج جي سهولتن ۾ اضافو ۽ ڪميونٽي تي ٻڌل تنظيمن سان رابطا شامل آهي. انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ سان اسان 2030 تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي جي ويجهو پهچي وينداسين. 2022ع ۾ نيشنل هيپاٽائيٽس ايليمينيشن پروفائل (اين ا??ڇ اي پي) نيشيٽو جي شروعات جي لاءِ عالمي سطح تي هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ اتحاد جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪس??ان 2030 تائين هيپاٽائيٽس سبب متاثر لکين ما??هن جي سڪريننگ ۽ لکن جو علاج ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿو. هن چيو ته پاڪس??ان هيپاٽائيٽس خلاف جنگ ۾ عالمي شر??ڪتدارن خاص ڪري گلوبل الائنس فار ويڪسينز اينڊ اميونائيزيشن (گاوي) جي اهم ڪردار کي ساراهي ٿو.
پاڪستان 2030 تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي مضبوط شراڪتداري قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز