شڪاگو _16 آڪٽوبر (اي ??ي پي ) آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ هڪ آمريڪي شهري پنهنجي ڪرائي دار 6 سالن جي فل??طي??ي ٻار کي فوجي طرز جي خنجر سان ڪيترائي وار ڪندي نهايت بي دردي سان قتل ??ري ڇڏيو. جڏهن ته ماءِ پنهنجي ٻار کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ شديد زخمي ٿي پئي . آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق 71 سالن جي جوزف زوبا نالي شخص اسرائيل حماس جي جنگ جي رد عمل ۾ 6 سالن جي فل??طي??ي ٻار وديعه الفيوم تي فوجي طرز جي 7 انچ واري تيز خنجر جا 26 وار ڪيا جن??ن سبب هو موقعي تي ??ي فوت ٿي ويو . ان حملي ۾ سندس 32 سالن جي ماءِ حنان شاهين شديد زخمي ٿي پئي . ايسو سي ايٽيڊ پريس مطابق شڪاگو پوليس ميڊيا کي ٻڌايو ته شڪاگو کان اٽڪل 64 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ پلين فيلڊ ٽان شپ ۾ زخمي عورت جي ايمرجنسي سروس 911 تي ??ڪايت تي 71 سالن جي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي .
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن