گڏيل قومون-21 ڊسمبر (اي پ?? پي) پاڪستان گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ان ڳالهه جي جاچ ڪرائي ته ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پ??) طرفان پاڪستان خلاف سرحد پار حملن ۾ استعمال ٿيندڙ جديد هٿيار ڪيئن حاصل ڪيا. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ افغانستان جي صورتحال تي بحث دوران ڀارت جي حوالي سان واضح طور تي چيو ته اسان وٽ ان ڳالهه جا به ثبوت آهن ته ٽي ٽي پ?? کي اسان جي اصل مخالف جي حمايت حاصل آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ٽي ٽي پ?? ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمون پاڪستان جي سرزمين تي سرحد پار منظم دهشتگرد حملن ۾ ملوث آهن، ان گروپ وٽ پرڏيهي فوج جي ڇڏيل هٿيارن تائين رسائي آهي جنهن سان اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ٽي ٽي پ?? انهن هٿيارن تائين پهچ ڪيئن حاصل ڪئي. ان سلسلي ۾ هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته چاهي اهو يو اين اي ايم اي هجي يا ڪا ٻي ايجنسي ان ڳالهه جي مڪمل جاچ ڪري ته ا??ي هٿيار ٽي ٽي پ?? جي هٿن ۾ ڪيئن آيا ۽ اهن جي و??پسي جي طريقن جي نشاندهي ڪئي وڃي. پاڪستان نمائندي چيو ته جيتوڻيڪ افغانستان جي عبوري حڪومت داعش خلاف جنگ ۾ ڪجهه ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر حقيقت اها آهي ته ڪيترائي دهشتگرد گروه ا??غانستان ۾ موجود آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ صرف هلندڙ سال انهن حملن ۾ سوين فوجي ۽ شهري شهيد ٿيا ۽ گذريل هفتي ٽي ٽي پ?? سان لاڳاپيل گروپ ڊيره اسماعيل خان ۾ اسان جي سيڪيورٽي اهلڪارن تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 23 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ا??غانستان ۾ امن پاڪستان لاءِ اسٽريٽجڪ اڻٽر آهي، هن چيو ته ا??غانستان ۾ امن امان ۽ استحڪام جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، داعش خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي آئي آهي. منير اڪرم چيو ته جيتوڻيڪ افغانستان ۾ عبوري حڪومت جي دعويٰ آهي ته ا??ن بحال ٿي ويو آهي، ان کي پ??هنجي پ??اهگيرن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي و??ن واپسي کي پاڪستان جي جائز معاشي ۽ سماجي خدشن سبب پيدا ٿيل هڪ اڻٽر مجبوري قرار ڏيندي چيو ته ا?? تي جيترو ممڪن ٿي سگهي انساني همدردي جي گهرجن موجب عمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان انهن ملڪن تي زور ڀريون ٿا ته ا??ي انهن ماڻهن کي قبول ڪرڻ لاءِ پنهنجي قدمن ۾ تيزي آڻين ۽ پاڪستان تي بار کي گهٽ ڪن. هن چيو ته ا??غان عملدارن سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين کي دهشتگرد تنظيمن جي سرگرمين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي قدمن سميت ڪيترن ئي معاملن تي ان جي رد عمل تي ٻڌل هجڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ افغانستان مان دهشتگردي جي پکيڙ ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان نه رڳو خطو پر پوري دنيا کي خطرو آهي.
گڏيل قومون پاڪستان خلاف ٽي ٽي پي جي سرحد پار حملن ۾ جديد هٿيارن جي استعمال جي جاچ ڪرائي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل