لنڊن- 31 جنوري (اي پي پي) برطانيه ۾ ذهني صحت جي مريضن جي ه?? وڏي تعداد الزام لڳايو آهي ته ان??ن جي علاج دوران ??يشنل هيلٿ سروس جي عملي انهن کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، قومي اسڪينڊل جي حيثيت رکندڙ ان بيان ??لڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي. گڏيل جاچ ڪميٽي ذريعي اها ڳالهه سامهون ائي آهي ته ذهني صحت جي 30 کان ??ڌيڪ ادارن ۾ 2019ع کان ??ٺي هن وقت تائين ملازمن طرفان ??ريضن کي جنسي حملن جو نشانو بڻائڻ جون اٽڪل 20 هزار شڪايتون مليون آهن، جاچ مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته اين ايڇ ايس ٽرسٽ اڪثر واقعن کي پوليس وٽ رپورٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ برطانيه ۾ سڀ کان ??ڌيڪ ڪمزور مريضن کي جنسي ڏاڍائي کان بچائڻ لاءِ جوڙيل اهم معيارن تي پورو نه لٿو آهي. 18 مهينن جي تحقيقات ۾ مريضن ۽ ان??ن جي ڪٽنبن ذهني صحت جي مريضن لاءِ مخصوص ڪيل يونٽن ۾ رهندڙ مريضن پاڻ سان ??يل جنسي ڏاڍاين جا واقعا ٻڌايا.صحت کاتي جي ترجمان چيو آهي ته جنسي تشدد ناقابل قبول آهي ۽ اين ايڇ ايس تنظيمن جي ذميواري آهي ته هو عملي ۽ مريضن کي هڪجهڙو تحفظ فراهم ڪن. ترجمان ??ڌيڪ ٻڌايو ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ اين ايڇ ايس سان گ??جي ڪم ڪري رهيا آهيون، ته ذهني صحت جي ادارن ۾ علاج ڪرائيندڙن مريضن کي محفوظ ۽ اعليٰ معيار جي سارسنڀال فراهم ڪري سگهجي.
نيشنل هيلٿ سروس لنڊن ۾ ذهني طور تي بيمار ماڻهن تي 20 هزار جنسي حملن جو انڪشاف
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔