اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) پائيدار اقتصادي اوسر واري شرح لاءِ سڄي دنيا جي حڪومتن کي ايندڙ 10 سالن دوران 30 کرب ڊالر جا اضافي وسيلا پيدا ڪرڻا پوندا، پراپرٽي ٽ??ڪسز گهٽ آمدني وارن ملڪن کي ترقياتي ايجنڊا جي تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عا??مي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) جي رپورٽ مطابق اهي وسيلا تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشتن جي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) جي 4 سيڪڙو جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن جي جي ڊي پي جي 16 سيڪڙو جي برابر آهن. آئي ايم ايف تجويز پيش ڪئي آهي ته اضافي وسيلن جي دستيابي لاءِ مقامي سطح تي پراپرٽي ٽ??ڪس کي اثرائتي طور لاڳو ڪرڻ جي قدمن جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي آئي ايم ايف خبردار ڪيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران ٽيڪسز جي شرح ۾ اضافي جي حوالي سان سڌاري سبب ڪجهه ملڪن ۾ سماجي ۽ سياسي مسئلا به پيدا ٿيا آهن جن کان تحفظ لاءِ سمورن شراڪتدارن جي صلاح سان قدم کڻڻا پوندا ۽ عوام کي به اعتماد ۾ وٺڻو پوندو. پائيدار معاشي ترقي جي وسيلن ۾ اضافي جي سلسلي ۾ رئيل اسٽيٽ ٽيڪسز جو اثرائتو نفاذ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ ٻئي پاسي قومي ٽ??ڪسن جي شرح وڌائڻ بدران پراپرٽي ٽ??ڪس جي موثر نفاذ سان نه رڳو ڪنهن قسم جي سياسي غير يقيني جي صورتحال کان بچي ??گه??ي ٿو پر مقامي سطح تي پراپرٽي ٽ??ڪس جي وصولي ۽ ترقياتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري ??گه??ي ٿو. آئي ايم ايف وڌيڪ چيو ته ملڪيت تي ٽ??ڪس جو اثرائتو نفاذ مقامي حڪومتن جي آمدني ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. جنهن سان مقامي حڪومتون شهري آبادين جي مسئلن جي خاتمي ۽ ترقياتي هدف کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي ??گه??ي ٿو. عا??مي مالياتي فنڊ جي رپورٽ مطابق پراپرٽي ٽ??ڪس جي اثرائتي نفاذ لاءِ جديد ٽيڪنالوجيز مان فائدو کڻي ??گه??ي ٿو جڏهن ته پاليسي ريفارمز به گهٽ آمدني وارن ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن جي آمدني وسيلن ۾ اضافي کي يقيني بڻائي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ مقامي سطح تي بنيادي ڍانچي جي ترقي سان زندگي جي معيار ۾ به اضافو ٿيندو.
پراپرٽي ٽيڪسز گهٽ آمدني وارن ملڪن جي ترقياتي ايجنڊا جي تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا: آئي ايم ايف
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania