اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مر??م اورنگزيب چيو آهي ته 70 سالن ۾ پهريون ڀيرو جمهوريت تسلسل ??ان 10 سال مڪمل ڪري رهي آهي، تاريخ تي تاريخ ڏيڻ ۽ ڪنٽينر تي بيهي حڪومت ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪندڙ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن، سينيٽ چونڊن وانگر ايندڙ عام چونڊون به وقت تي ٿينديون. هو نيشنل ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ جي افتتاحي تقريب کي خ??اب ڪري رهي هئي. مملڪتي وزير مر??م اورنگزيب معاشري ۾ ميڊيا جي مثبت ڪردار کي خ??اج تحسين پيش ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ميڊيا جي ترقي ۽ صحافت جي آزادي جي ترقي ٿي رهي آهي، پاڪستان ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ ميڊيا گڏيل سوچ سان پنهنجو حصو وجهي. ميڊيا خبر کي ان جي اصل جزن، اخلاقيات ۽ خوداحتسابي سان پيش ڪري.
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری