اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان جي مخصوص جاگرافيائي ۽ اسٽريٽجڪ بيهڪ ۽ سعودي عرب جي خصوصي اهميت هڪ اهڙو ڳانڍاپو آهي جيڪو اسان جي مستقبل لاءِ تمام اهم آهي، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پا??ستان جي دوري سان تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، سعودي عرب جي جيلن ۾ قيد 2107 پا??ستانين جي آزادي جي اعلان تي ولي عهد جا خصوص ٿورا مڃان ٿو جڏهن ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو آهي ته پا??ستان ۾ هو پنهنجي گهر وانگر محسوس ڪري رهيو آهي، سعودي عرب پا??ستان جي مستقبل تي ي??ين رکي ٿو، پا??ستان وٽ وسيع تر موقعا ۽ صلاحيت موجود آهي، 2030ع ۾ پا??ستان چين ۽ ڀارت کانپوءِ ٽئين وڏي معيشت هوندي، ترقي جي سفر ۾ پا??ستان سان گڏ هونداسين. اهڙن خيالن جو اظهار سعودي ولي عهد پا??ستان جي دوري جي پڄاڻي تي وزيراعظم عمران خان سان گڏ ميڊيا سان گڏيل ڳالهائيندي ڪيو.
سعودي عرب سان ڳانڍاپو مستقبل لاءِ تمام اهم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر