اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪا??ينا جي اجلاس ۾ چونڊ سڌارن، سرڪاي ادارن ۾ ??رب??اهن جي مقررين، هائوسنگ جي شعبي ۾ سڌارن ۽ صحت جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حصيداري سان اسپتالون قائم ڪرڻ جهڙن اهم ايجنڊا آئٽمز تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم صوبن کي هدايت ڪئ?? آهي ته فوري طور تي صوبائي فنانس ڪميشن جوڙين ته جيئن پٺتي پيل علائقن ۾ وسيلن جي هڪ جهڙي ورڇ ممڪن ٿي سگهي، وفاقي ڪا??ينا جي هيستائين 93 اجلاسن ۾ 1759 فيصلا ڪيا ويا جن م??ن 1579 تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي، 28 فيصلن تي عملدرامد ۾ دير آهي جڏهن ته 46 فيصلا عملدرآمد جي عمل هيٺ آهن، ڪي اليڪٽرڪ بابت فيصلو وفاقي ڪا??ينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ٿيندو جڏهن ته وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي جي ??رب??اهي ۾ چونڊ سڌارا ڪميٽي جون سفارشون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن جيڪي وفاقي ڪا??ينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون، ڀاڻ، آر ايل اين جي، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن جي ايڊجسٽمينٽ سميت ٻيا اهم فيصلا به اجلاس ۾ ڪيا ويا، سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ حج جي حوالي سان خاص فنڊ قائم ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪا??ينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران ڪيو.
وفاقي ڪابينا ۾ چونڊ سڌارن، سرڪاي ادارن ۾ سربراهن جي مقررين جهڙن اهم ايجنڊا آئٽمز تي غور ڪيو ويو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado