اسلام ??باد – 29 آگسٽ (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وف??قي ۽ صوبائي حڪومت جي تعاون جي مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم عمران خان طرفان ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ان کان اڳ ڪيل ٽوئيٽس جي باري ۾ چيو ته وف??قي ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جي وچ ۾ سهڪار جو فيصلو مثبت اڳڀرائي آهي، هن چيو ته ان فيصلي سان سانوڻي جي برسات سبب ڪراچي ۾ موجود بحران جي حل ۾ مدد ملندي پر ان سان مستقبل جي منصوبابندي ۾ به مدد ملندي، صدر چيو ته ان مثبت اڳڀرائي ۽ وف??قي ۽ صوبائي حڪومتن ??ي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ موجوده شديد ترين بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته مستقبل ۾ پاڻي جي نيڪاسي جي نالن، سيوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٽرانسپورٽ سميت ٻين سهولتن ??ي فراهمي لاءِ گڏيل فيصلا ڪري سگهبا.
وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ سهڪار جو فيصلو مثبت اڳڀرائي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II