اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب سان لاڳاپيل سمورن مع??ملن تي اڳڀرائي جي ذاتي طور تي مستقل نگ??اني ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختي??ر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي علائقائي تنظيمي ڍانچي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ترقي بابت مع??ملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ڏکڻ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن علائقي جي ماڻهن کي سهولتن جي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ذاتي طور تي ڏکڻ پنجاب بابت مع??ملن تي اڳڀرائي جي مستقل بينادن تي نگ??اني ڪندو.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل