اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي ??ي) گهرو وزارت آمريڪا، جاپان، فرانس، جرمني ۽ برطانيه سميت ٻين 7 ملڪن جي 15 عالمي اين جي اوز کي ??اڪ??تان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي آهي، انهن اين جي اوز جون پهريان کان ??اڪ??تان ۾ آفيسون موجود هيون، انهن اين جي اوز کي انهن متاثر ماڻهن جي مدد، رليف ۽ بحالي جو اين او سي به جاري ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان اي پي ??ي کي ٻڌايو ته ??اڪ??تان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ ٽير فنڊ (برطانيه)، سڪيور اسلامڪ فرانس (فرانس)، مرسي ڪارپس (آمريڪا)، لائف لائن ڪرسچن ڊولپمينٽ سروسز (جرمني)، مسلم هينڊز (برطانيه) سي بي ايم اي ڊاٽ وي ڊاٽ (جرمني)، ترڪي معرف فائونڊيشن (ترڪي)، ڪيٿلڪ رليف سروسز (آمريڪا)، اي اي آر جاپان (جاپان)، ڪي اين ڪي جاپان (جاپان)کي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪمن جي اجازت لاءِ گهرو وزارت خميس ڏينهن باقاعده نوٽيفڪي??ن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهي انٽرنيشنل اين جي اوز پهرين کان ??اڪ??تان وٽ رجسٽرڊ آهن، کين صرف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو، رليف، بحالي ۽ امدادي ڪمن لاءِ اجازت ڏني وئي آهي.
گهرو وزارت آمريڪا، جاپان، فرانس، جرمني ۽ برطانيه سميت ٻين 7 ملڪن جي 15 عالمي اين جي اوز کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری