آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز قازقستان جي سيڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن، قازقستان پنهنجي واپار کي سگه?? ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي جي بندرگاهن مان فائدو کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن قازقستان ۾ سيڪا سربراهي اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي صدر قاسم زومارٽ توڪايوف سان ملاقات ڪئي. ٻن??ي اڳواڻن واپار، گڏيل رابطن ۽ توانائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي قازقستان جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگه?? ڏيڻ جي رفتار جو تعين ڪيو ويو هو. ٻن??ي اڳواڻن ٻطرفي واپار کي سگهارو بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي سگه?? ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي، زراعت، ٽيڪنالاجي، لاجسٽڪس، مواصلات ۽ تعميرات جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. ??ن ڪاروباري رابطن، عوام سان عوام جي رابطن ۽ سياحت کي وڌائڻ جي لاءِ سڌوسنئون فضائي رابطي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا خصوصي اقتصادي زونز قازقستان جي سيڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن. هن قازقستان کي پنهنجي واپار کي سگه?? ڏيڻ جي لاءِ گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن مان فائدو کڻڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم ايشيا ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا) سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان جي سرڪاري دوري تي آهي. قازقستان ڇهين سيڪا سربراهي اجلاس جو چيئر ۽ ميزبان آهي.
پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز قازقستان جي سيڙپڪارن جي لاءِ کليل آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا