اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو واحد حل ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، سمورين مشڪلاتن جي باوجود بهادر ڪشميري بي مثال قربانين جي ذريعي ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪري رهي?? آهن، اسان ڪشميري عوام جي خودمختياري جو جائز حق ??لڻ تائين سک سان ??ه ويهنداسين. ڪشمير ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اُداس دل سان اسان ڪشمير جي حوالي سان ??ڪ ٻيو ڪارو ڏينهن ملهائي رهي?? آهيون، 27 آڪٽوبر 1947ع تي 75 سال اڳ ڀارت زبردستي پنهنجي فوج غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاٿي هئي ۽ تڏهن کان اها ان علائقي ۾ زبردستي ۽ غيرقانوني طور تي قبضو جاري رکيو آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي زبردستي قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڀارت علائقي ۾ 9 لک کان ??ڌيڪ هٿياربند فوج مقرر ڪري رکي آهي. تشدد، غيرقانوني نظربندين، ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪرڻ، ڪارن قانونن تحت طاقت جي انڌي استعمال ۽ ڪشميرين جي جدا ثقافتي ۽ مذهبي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي لاءِ منظم ڪارروايون والاريل علائقي تي ڀارت جي ظالماڻي قبضي جي حقيقت جي نشاندهي ڪن ٿيون. وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي غيرقانوني ۽ هڪطرفي طريقي سان ختم ڪرڻ کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، گذريل ٽن سالن ۾ ڀارتي قابض فوج جي هٿان اٽڪل 790 بيگناهه ڪشميرين جو عدالت کان ??ٿانهون قتل ڪيو ويو آهي. ناليوارا حريت اڳواڻ غيرقانوني طور تي حراست ۾ يا گهرن ۾ نظربند آهن. هن چيو ته ڀارت جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ، جائيداد جي قانونن ۾ تبديلي، چونڊ ضلعن ۾ تبديلي، هندو اڪثريتي علائقن جي لاءِ رياستي اسيمبلي ۾ نيون سيٽون پيدا ڪرڻ ۽ غير ڪشميري رهواسين جا نالا چونڊ فهرستن ۾ شامل ڪري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جي لاءِ مذمت جوڳا قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته سمورين مشڪلاتن جي باوجود بهادر ڪشميري بي مثال قربانين ۽ محڪومي کان انڪار ڪندي ڀارتي جارحيت جو مقابلو ڪري رهي?? آهن. هن چيو ته تاريخ ان حقيقت جي گواهه آهي ته ڀارتي حڪومت پاران ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام، پاڪستان ۽ عالمي برادري کان سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي پاسداري ۽ پنهنجي واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ کان ??ابض طاقتون انڪاري آهن. تاريخ ان ڳالهه جي به گواهه آهي ته ڀارت سدائين غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پنهنجي واعدن جي پاسداري کان ??ڪمل طور تي انڪاري آهي. وزيراعظم چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ساڍن 7 ڏهاڪن کان ??ڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي ايجنڊا تي آهي، پاڪستان ڪشميرين سان ??نهنجي واعدن تي قائم آهي ۽ ان ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خل??ف ورزين جي خل??ف مسلسل آواز بلند ڪيو آهي. هن چيو ت?? پاڪستان عالمي برادري تي مسلسل زور ڏيندو رهيو آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ذميواري پوري ڪري، پاڪستان ??الاريل علائقي ۾ ڀارتي ظلمن جي خل??ف مسلسل آواز اٿاريو آهي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو واحد حل ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ لڪل آهي ته ڪشميرين کي انهن جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل قومن جي مينڊيٽ، آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي ريفرنڊم جي جمهوري عمل جي ذريعي پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته ڪشمير ڪاز جي حوالي سان ??اڪستان ??نهنجي ڀرپور حمايت جاري رکي آهي. اسان جو سڀ کان ??ڏو اثاثو ان بنيادي مسئلي تي قومي اتفاق راءِ آهي. حقيقت ۾ ڪشمير سان ??حبت ۽ ان ??نصفاڻي مقصد سان ??فاداري اسان جي معاشري جي هر طبقي جو لازمي جز آهي. اهو ئي سبب هو جو اسان جي پياري قائد ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته ان ??وقعي تي سمورن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ منهنجو پيغام آهي، پاڪستان سدائين توهان سان گڏ بيٺل رهندو، ڀلي ڪا به قيمت ڇو نه ادا ڪرڻي پوي. اسان دنيا آڏو توهان جو آواز بڻجنداسين. اسان جي حمايت ۽ يڪجهتي برقرار آهي. اسان ان ??قت تائين سک سان ??ه ويهنداسين جيستائين ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو جائز حق ??ه ٿو ملي ۽ انشاءَ الله اهو ڏينهن پري نه آهي.
5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil