اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جي گهر واري ثمينه عارف علوي چيو آهي ته سٽل آرٽ ??ان گڏوگڏ اسلامڪ ۽ پاڪستاني آرٽ جي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. اميد آهي ته نوجوان ۽ اُڀرندڙ مصور ان نمائش مان فائدو کڻندا ۽ پنهنجي صلاحيتن کي نکاريندا. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته الله تعاليٰ ان??ان کي تمام گهڻين صلاحيتن ??ان نوازيو آهي ۽ هو ان جو اظهار مختلف طريقن ??ان ڪري ٿو، پنهنجن جذبن کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ هو مصوري، خطاطي، مجسمه سازي، ڊرائينگ، ناچ، موسيقي، ادب ۽ ٻين بي شمار ذريعا استعمال ڪري ٿو. هن چيو ته فائن آرٽس ذريعي ان??ان پنهنجي خوبصورت جذبن جو اظهار بهتر طريقي ??ان ڪري سگهي ٿو. هي تخليقي جذبن جو اهڙو اظهار آهن ج??ڪي ا??ان جي زندگيءَ کي خوبصورتي ۽ خوشيءَ ??ان متعارف ڪرائين ٿا. هن چيو ته فائن آرٽ جي اهميت ايتري ئي آهي جيتري زندگيءَ جي اهميت آهي، هي آرٽس ان??ان جي ارتقا ۽ تاريخ کي جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. آرٽ پنهنجي مختلف شڪلن ۾ قوم جي ڪلچر، ثقافت، سماجي قدرن ۽ تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جو اهم ذريعو پڻ آهن. ا??ان جو اسلامي ڪلچر، ثقافت ۽ آرٽ شاندار روايتون رکندڙ آهي. اسلامي فن تعميرات ۽ خطاطي جا نمونا دنيا ۾ پنهنجي بهتر سُڃاڻپ رکن ٿا. هن چيو ته سٽل آرٽ ??ان گڏوگڏ اسلامڪ ۽ پاڪستاني آرٽ کي قومي ۽ عالمي سطح تي هٿي ??يڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته ان نمائش ۾ سڄي پاڪستان جي فنڪارن جا فن پاره پيش ڪيا ويا آهن، ا??ان آرٽ کي هٿي ??يڻ ۽ ان کي محفوظ رکڻ لاءِ فنڪارن جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوجوان ۽ اُڀرندڙ مصور ان نمائش مان فائدو حاصل ڪندا ۽ پنهنجي صلاحيتن کي نکاريندا. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ پڻ فنونِ لطيفه جي اهميت کان انڪار ممڪن ناهي، فائن آرٽس پڻ ان ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي نَون صورتن ۾ سام??ون اچي رهيا آهن. هن چيو ته ا??ان جون ڪيتريون ئي يونيوسٽيون، ڪاليج ۽ ادارا آرٽ جي تعليم کي هٿي ??يڻ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پر ان ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ا??ان جي ملڪ ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي ۽ هي فنڪار سڄي دنيا ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ان نمائش وانگر اهڙن فن پارن کي هٿي ??يڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، جن وٽ تخليقي صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ جو هُنر هوندو آهي، انهن وٽ فنڊز نه هوندا آهن ۽ اهڙيون نمائشون اهڙن فنڪارن کي پنهنجي صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ڏيکارڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. اهڙيءَ طرح جون نمائشون پاڪستاني فن ۽ دستڪاريءَ کي عاليمس طح تي مقبول بنائڻ ۽ پنهنجي هڪ سُڃاڻپ ڏيارڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون. ان موقعي تي هن نمائش جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ فن پاره ڏٺا ۽ مختلف مصورن جي فن پارن جي تعريف پڻ ڪئي.
سٽل آرٽ سان گڏوگڏ اسلامڪ ۽ پاڪستاني آرٽ جي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری