ڊيووس-20 جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديليءَ سبب وڏا مسئلا سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي??َ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ال??ي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان پويلين جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ملڪ ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي??َ جي منصوبن جي باري ۾ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي مول متن ۽ قدرتي ماحول ۽ پاڻي وسيلن جي بحالي??َ جي حوالي سان ان جي فائدن جي باري ۾ پريزينٽشن ڏني. سينيٽر شيري رحمان پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل نق??ان?? ۽ نئين سر بحالي??َ جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان سلسلي ۾ ??ال??ي برادري??َ جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب پيدا ٿيل مسئلن کي مُنهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي??َ جي سببن جو ذميدار ناهي پر ان جي باوجود ان جي ناڪاري اثرن جو شڪار آهي. پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ??ال??ي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي لحاظ کان پائيداريت جي حاصلات جي ذريعي قدرتي آفتن جي نق??ان?? کي گهٽ ڪري سگهجي.
دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديليءَ سبب وڏا مسئلا سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ