اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث جمعي ڏينهن به جاري رهيو، مختلف پارٽين جي ميمبرن بجيٽ ۾ زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبي لاءِ سهو??تن ۽ مراعتن جي آجيان ڪئي، ميمبرن ٽيڪس جي دائري ڪار ۾ واڌ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، بي آءِ ايس پي ۾ وڌيڪ بهتري ۽ آبي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران مسلم ليگ (ن) جي چوڌري احسان الحق باجوه مشڪل اقتصادي حا??تن ۾ متوازن، عوام دوست، آبادگار ۽ مزدور دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير کي مبارڪون ڏنيون. هن پنهنجي تڪ ۾ ٻه اهم منصوبن کي پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪرڻ تي منصوبابندي واري وزير احسن اقبال جو به ٿورو مڃيو. هن چ??و ته زراعت لاءِ بجيٽ ۾ قدم واکاڻ جوڳا آهن، 50 هزار زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ سان توانائي جي بل ۾ گهٽتائي ايندي، اهڙي طرح ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي اوزارن لاءِ مراعتن سان پيداوار ۾ اضافو ٿيندو، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافو به واکاڻ جوڳو آهي. هن چ??و ته فتني جي سياست ڪندڙن جو سياسي جنازو نڪري چڪو آهي، 9 مئي جا واقعا افسوسناڪ هئا، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. هن چ??و ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ملڪ ايندو ۽ ملڪ کي ٻيهر ترقي جي راهه تي گامزن ڪندو. ناصر خان موسيٰ زئي چيو ته بجيٽ سان ملڪ جي معيشت ۽ سياست ۾ استحڪام اچڻ گ??رجي، رياست جي سمورن ادارن کي آئين جي دائري ڪار ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گ??رجي، ماضي ۾ آمرن به بجيٽ ڏنا جڏهن ته هڪ اڳوڻي چيف جسٽس انصاف ڏيڻ بدران ڊيمن جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو، عدا??تن ۾ لکين ماڻهو روزاني انصاف لاءِ دربدر گهمي رهيا آهن، انهي چيف جسٽس کي ملڪ ۾ انصاف جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ گ??رجي ها پر ان جي بدران هو اسپتالن جا دورا ڪندو رهيو ۽ قوم جو وقت برباد ڪيو. هن چ??و ته هول سيل ۽ ريٽيلرز کي ٽيڪس جي نيٽ ۾ آڻڻ گ??رجي ته جيئن اسان جي روينيو ۾ اضافو ٿئي. هن چ??و ته بنگلاديش ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن وانگر اسان کي به روينيو ۽ روانگي واپار ۾ اضافي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ان سان گڏوگڏ زراعت تي ڌيان ڏئي فصلن ۽ کاڌي پيتي جي شين ۾ خود ڪفالت لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن معاشي استحڪام لاءِ قومي ايجنڊا جوڙڻ جي تجويز به ڏني. پيپلزپارٽي جي مير عام?? علي مگسي چيو ته زراعت ۽ آبي وسيلا اهم شعبا آهن، زرعي شعبي لاءِ مراعتون سٺو سنئوڻ آهي تنهن هوندي به جن قدمن جو اعلان ڪيو ويو آهي انهن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، زرعي پاليسي ٺاهڻ ۾ آبادگارن ۽ زرعي ماهرن کي شامل ڪيو وڃي. هن چ??و ته گذريل سال ٻوڏ سبب سنڌو درياءُ جي ٻنهي ڪنارن تي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو هو.انهن علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي جي ميمبر ابرا?? علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو ??رد??ري پرڏيهي وزير طور پاڪستان جو موقف درست انداز ۾ اٿاريو. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو اضافو سٺو قدم آهي، هي آصف ??رد??ري ۽ بلاول ڀٽو ??رد??ري جو ڪريڊٽ آهي. بلاول ڀٽو جي ڪوششن سان ايران سان لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر مهناز اڪبر عزيز چيو ته معاشي بدحالي ۽ هنگامي ڏڦيڙ ۾ اقتصادي ٽيم شاندار بجيٽ پيش ڪيو، ان تي وزيراعظم محمد شهباز شريف،ميان نواز شريف سميت مسلم ليگ (ن) ۽ پي ڊي ايم جي قيادت مبارڪن جي مستحق آهي، ملڪ جي ڏيوالپڻي جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون پر ان صورتحال مان ملڪ کي ڪڍيو، پرڏيهي لاڳاپا بهتر بڻايا، روس کان سستو تيل اچڻ شروع ٿي ويو آهي، آذربائيجان کان ايل اين جي اچڻ شروع ٿي چڪي آهي، هن چ??و ته عورتن جي نوڪرين ۾ ڪوٽا تي عمل ٿيڻ گ??رجي، هر تڪ جي سطح تي وويمن جيلون ٺاهيون وڃن، يونيورسٽين ۾ عورتن کي وائيس چانسلرز لڳائڻ گ??رجي، نصيبه چنا چيو ته بجيٽ ۾ بهترين قدم آهن، بجيٽ غريبن ۽ ڏهاڙي وارن لاءِ به سوچڻ گ??رجي، پڙهيل لکيل عورتن کي ڪاروبار لاءِ بنا وياج جي قرض ڏنو وڃي، صحت ۽ تعليم ترقي لاءِ ضروري آهي، بجيٽ سازي کان اڳ ميمبرن کان تجويزون وٺڻ گ??رجن. ڊاڪٽر ذوالفقا?? علي ڀٽي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته اتحادي حڪومت ۾ انهن حا??تن ۾ ايترو ئي سٺو بجيٽ پيش ڪري سگهجي ٿو جيستائين زراعت ۽ ٻهراڙي علائقن تي ڌيان نه ڏينداسين پاڪستان جون حالتون بهتر نٿيون ٿي سگهن. پاڪستان پيلزپارٽي جي ميمبر ناز بلوچ چيو ته ملڪ مشڪل حا??تن مان گذري رهيو آهي ان جي سبب کان به اسان آگاهه آهيون، 2018ع ۾ حالتون ايتريون خراب نه هيون، پوءِ هڪ اهڙي پارٽي کي آندو ويو جيڪا 9 مئي کانپوءِ باهيون ڏيڻ ۽ ڏڦيڙ ۽ نفرت جي علامت بڻجي چڪي آهي، ڪوڙ ۽ بدتهذيبي جي علامت بڻجي چڪي آهي، بجيٽ اجلاس ۾ وزيرن کي موجود هجڻ گ??رجي.اسان پاڪستان کي هڪ متفقه آئين ڏنو، آصف ??رد??ري صدر طور اختيار هن ايوان کي ڏنا، روس سان لاڳاپا ۽ واپار وڌائڻ لاءِ رستا هموار ڪيا، سي پيڪ تي پي ٽي آءِ ڪم روڪيو هاڻي ان تي ڪم تيزي سان جاري آهي، آمريڪا سان بهترين لاڳاپن جي ڳالهه ٿي رهي آهي، بلاول ڀٽو ??رد??ري پاڪستان جو مثبت چهرو دنيا جي سامهون آڻي رهيو آهي، هن چ??و ته بلاول ڀٽو ??رد??ري ڀارت جي سرزمين تي بيهي ان جي ڪشمير ۾ ظلمن کي بي نقاب ڪيو، پاڪستان دهشتگردي سبب متاثر رهيو آهي اسان جاني ۽ مالي نقصان کنيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي احمد رضا مانيڪا چيو ته 2013ع کان وٺي 2018ع تائين ملڪ جي معاشي انگ اکر بلند سطح تي هئا، گروپ 20 ۾ پاڪستان جي شموليت جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ويو، هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪامياب آپريشنز ذريعي ملڪ ۾ امن آندو ويو، پوءِ سازشون ڪري ملڪ تي سليڪٽيڊ کي مڙهيو ويو، جنهن عوام سان ڪوڙا واعدا ڪيا ۽ ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو. پوري دور ۾ پنهنجي مخالفن ۽عالم سڳورن جي توهين ڪئي، نوجوانن ۾ نفرت کي هٿي ڏني، هن چ??و ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي ڪڙي کان ڪڙي سا ڏني وڃي، هن بجيٽ ۾ زراعت ۽ آءِ ٽي شعبن لاءِ مراعتن تي ناڻي واري وزير جي آجيان ڪئي.
قومي اسيمبلي ۾ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث جاري، ميمبرن جو بجيٽ ۾ زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبي لاءِ سهولتن ۽ مراعتن جي آجيان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے