اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس سنڌ جي نگران وڏي وزير جي ذميواري سنڀالڻ تي م??ارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن چونڊن جي شفاف انعقاد ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور مدد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اطلاعات وا??ي نگران وزير سنڌ جي نگران وڏي وزير سان مقتول صحافي جان محمد مهر جي ڪيس حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. سنڌ جي نگران وڏي وزير اطلاعات وا??ي نگران وزير کي ٻڌايو ته مقتول صحافي جي ڪيس ۾ اڳڀرائي جاري آهي. جسٽس (ر) مقبول باقر مرتضيٰ سولنگي کي نگران وف??قي وزير بڻجڻ تي م??ارڪباد پڻ ڏني.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ