اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي اسپتالن، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ سول سوسائٽي تي زور ڏنو آهي ته اهي ميڊيڪل جي نظام ۾ اسڪريننگ جي بهتر سهولتن تي ڪم ڪن ته جيئن ع??رت?? ۾ ڇ??تي??َ ج?? ڪينسر جي شروعاتي مرحلن ۾ خبر پئجي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڇ??تي??َ ج?? ڪينسر بابت آگاهي تقريب کي خطاب ڪند?? ڪيو. هن چيو ته ميموگرام ۽ الٽراسائونڊ جي ذريعي جلد تشخيص سان مريضن جي موت جي شرح ۾ 98 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. ناليواري انٽرنيشنل اسپتال پاران نيشنل پر??س ڪلب جي تعاون سان منعقد تقريب ۾ ڇاتي ج?? ڪينسر جي خلاف ڊگهي مدي ۽ وسيع پئماني تي مهم جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو ته جيئن ملڪ ۾ هر سال ع??رت?? جي 40 هزار موت جي ڳڻتي جوڳي حد تائين جي انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ايوان صدر جي پليٽ فارم تان ان جي مسلسل مهم سان پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڇ??تي??َ ج?? ڪينسر ج?? ڪيسز جي رپورٽنگ کي وڌائڻ ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته جلد تشخيص سان ملڪ ۾ هزارين ع??رت?? جون زندگيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته ڇ??تي??َ ج?? ڪينسر بابت آگاهي مهم جي هڪ حصي طور پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سيلولر سروسز جي ذريعي اردو زبان ۾ 140 ملين ٽيڪسٽ ميسجز ۽ رنگ ٽونز موڪليا. هن چيو ته جار?? ڪيل پيغامن ۾ عام ماڻهن جي لاءِ ڇاتي ج?? ڪينسر، ان جي علامتن، پاڻ معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر علاج بابت معلومات شامل هئي. هن ع??رت?? تي زور ڏنو ته اهي ماهوار بنيادن تي 5 منٽ پاڻ معائنو ڪرڻ جي مشق ڪن ۽ ڪنهن به غيرمعمولي صورتحال جو پتو لڳائڻ جي لاءِ فوري طور تي طبي مشورو وٺن. خاتون اول ناليواري انٽرنيشنل اسپتال پاران ڇ??تي??َ ج?? ڪينسر جي تشخيص جي لاءِ 31 ڊسمبر تائين رعايتي ميموگرامز ۽ الٽراسائونڊز جي اسڪريننگ جي سهولت جي آڇ کي ساراهيو ۽ چيو ته ٻين اسپتالن کي به ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي. هن قومي ۽ مقامي ميڊيا تي پڻ زور ڏنو ته اهي سڄو سال مستقل بنيادن تي پنهنجي پرگرامن جي ذريعي ان موذي بيماري کي اجاگر ڪندا رهن. ناليواري انٽرنيشنل اسپتال جي سي اي او هارون نصير چيو ته خاتون اول جي سرپرستي ۾ آگاهي مهم جي نتيجي ۾ ڇ??تي??َ ج?? ڪينسر جي مريضن جي رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز جي انگ ۾ اضافو ٿيو، اهڙي طرح موت جي شرح ۾ گهٽتائي آئي. هن پنهنجي اسپتال ۾ اسڪريننگ جي سهولت جي ذريعي ڇ??تي??َ ج?? ڪينسر بابت آگاهي پر??گرام جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. نيشنل پر??س ڪلب جي فنانس سيڪريٽري نيئر علي چيو ته صحافتي برادري ٽيليويزن پر??گرامن ۽ مضمونن جي ذريعي ڇ??تي??َ ج?? ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي هڪ پينل ڊسڪشن منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ آنڪولوجي، ريڊيالوجي ۽ گائناڪالوجي جي شعبن جي ڊاڪٽرن جلد اسڪريننگ جي اهميت بابت ٻڌايو. طبي ماهرن ع??رت?? جي لاءِ مناسب رهنمائي تي زور ڏنو ته اهي پنهنجو پاڻ معائنو ڪري طبي مشوري جي لاءِ ڪيئن رجوع ڪري سگهن ٿيون. پينل 40 سال کان وڌيڪ عمر جي ع??رت?? جي لاءِ اسڪريننگ ۽ ميموگرام جي پڻ سفارش ڪئي.
ڇاتي جي ڪينسر جي جلد تشخيص لاءِ اسڪريننگ جون بهتر سهولتون ضروري آهن: بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن