ابوظهبي – 27 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالح?? ڪاڪڙ ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان زور ڏنو آهي ??ه پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا هر آزمائش تي پورو لٿا آهن، هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسريٽجڪ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالح?? ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. ٻنه?? اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ??ه پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿا آهن. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگ??ان وزيراعظم اقتصادي ۽ مالياتي شعبي ۾ گڏيل عرب امارات پا??ان پاڪستان جي لاءِ ڀرپور تعاون تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته گڏيل عرب امارات 1.8 ملين پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات دو??ان والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان خصوصي طور تي علائقائي ۽ عالم?? اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگ??ان وزيراعظم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو. نگ??ان وزيراعظم 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي لاءِ يو اي اي جي صدارت جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. نگ??ان وزيراعظم لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ سميت ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اهم شعبن ۾ موثر ۽ نتيجاخيز عالمي قدمن طرف بامعنيٰ اڳڀرائي جي موقعي جي طور تي ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنه?? اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز پروجيڪٽس، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، معدنيات ۽ بئنڪنگ اينڊ فنانشل سروسز ??ي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون بابت مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جو مشاهدو ڪيو. انهن مفاهمت جي ياداشتن سان گڏيل عرب امارات جي پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي راهه هموار ٿيندي ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت مختلف قدمن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نگ??ان وزيراعظم مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن کي هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو جنهن سان پاڪ گڏيل عرب امارات اقتصادي حصيداري جي نئين دور ??ي شروعات ٿيندي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسريٽجڪ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ