اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي هدايت تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جي چيف ڪئميره مين احمد ??ان سولنگي ۽ ڪئميره مين ظفر علي جي پونئيرن جي لاءِ مالي امداد جي منظوري ڏني وئي. جاري پڌرائي موجب پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه چيف ڪئميره مين احمد ??ان سولنگي جي پونئيرن جي لاءِ 24 لک رپيا ۽ ڪئميره مين ظفر علي جي پونئيرن جي لاءِ 15 لک رپين جي مالي گرانٽ جي منظوري ڏني. پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه ان مو??عي تي چيو ته پي ٽي وي پنهنجي ملازمن جي ڀلائي کي سدائين ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته فوت ٿيندڙ ٻئي ملازم ڪئميره ذريعي پاڪستان جي مختلف علائقن جي ڪوريج قوم آڏو اسڪرين تي آندي، انهن جي اداري لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ان جا ملازم پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. پي ٽي وي جي ايم ڊي سيد مبشر توقير شاهه احمد ??ان سولنگي ۽ ظفر علي جي اداري جي لاءِ شاندار خدمتن تي کين خراج عقي??ت پيش ڪيو. واضح رهي ته پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جو چيف ڪئميره مين احمد ??ان سولنگي ۽ ڪئميره مين ظفر علي گذريل ڏينهن ڊيوٽي دوران ڪراچي سوراب روڊ تي ڪار ۽ ويگن جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويا هئا.
اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد جي هدايت تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جي چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مين ظفر علي جي پونئيرن جي لاءِ مالي امداد جي منظوري
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II